SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اڻ ٽر صورتحال


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اڻ ٽر صورتحال

Fait Accompli

فيت اڪو نپلي

اهڙو مامرو يا حاصلات جنهن کي مَٽائي يا پوئتي نه ڪري سگهجي . مثال طور ڪو به سگهارو ملڪ يا ڪجهه اتحادي ملڪ گڏجي اوچتو اهڙو فيصلو يا ڪم ڪن ، جنهن سان آسپاس جي علائقن ۾ معمول مطابق هلندڙ معاملا متاثر ٿين ، ته ان کي اڻ ٽر صورتحال (Fait Accompli) جي اصطلاح سان سڃاتو وڃي ٿو. اهڙي فيصلي يا ڪم ۾ گهڻي قدر نقصان ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن. Fait Accompli جو وڏو مثال اپريل 1982ع ۾ ارجنٽائين طرفان ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود فاڪلئنڊ ٻيٽن تي ، اوچتو قبضو ڪرڻ وارو قدم آهي . انهن ٻيٽن تي برطانيا جو 1833ع کان قبضو هو. پر ارجنٽائين انهن ٻيٽن تي (جاگرافيائي لحاظ کان ويجهو هُئڻ ڪري) پنهنجو حق ڄمائڻ ٿي چاهيو. اِن بحران دوران ڳالهين منجهان ڪو فائدو نه ڏسي، ارجنٽائين 14،000 فوجين جي طاقت سان اوچتو فاڪ لئنڊ ٻيٽن تي قبضو ڪيو. برطانيا، بين الاقوامي سطح تي ڪوششون وٺڻ سان گڏ جوابي فوجي طاقت استعمال ڪندي ، ارجنٽائين کان جون 1982ع ۾ قبضو واپس ڇڏائي ورتو. اِن هار سبب ارجنٽائين جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهتو. مبصرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌُرين جي طاقت کي نظر ۾ رکندي، ارجنٽائين کي نقصان کائڻ کان سواءِ ڪو چارو نه هُو ۽ ان صورتحال جو ٽرڻ ناممڪن هُو


Remember Me Also:

هانء

هانءُ جمع هانءَ

ذ . هِنيو، دل، هانوُ. جگر، قلب، ڪليجو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal